پاڪستانسنڌ

ماءُ ۽ پٽ ۾ ملڪيت تڪرار، پيرسن عورت عدالت ۾ بيهوش، ننهن کي ڇنڊ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماءُ ۽ پٽ وچ ۾ ملڪيتي تڪرار بابت ڪيس جي شنوائي دوران پيرسن عورت نصرت جميل پنهنجي سموري ڪهاڻي بيان ڪري بيهوش ٿي ڪري پئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ بنادير ڊاڪٽر گهرائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو هدايت ڪندي چيو ته پيرسن عورت جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته ان کي مسئلو پٽ مان نه پر ننهن سان آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ڪاوڙ ۾ الڳ ٿيڻ جي فيصلي کان اڳ ماءُ ۽ پٽ گڏجي ويهن ته وڌيڪ سٺو آهي، جهيڙا جهٽا ته گهر گهر ۾ ٿيندا رهن ٿا پر مسئلي کي حل ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو آهي، پيرسن عورت چيو ته پٽ کي تعليم ڏياري، دبئي ۾ هو اتي به پئسا اماڻيندي رهيس، جنهن گهر ۾ رهان ٿي اهو منهنجي والد طرفان ڏنل پئسن مان ورتو ويو.

نصرت جميل چيو ته مان مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ ٻي شادي ڪئي هئي، هاڻي مون کي آرام گهرجي پٽ ۽ ننهن تنگ ڪيو آهي، هن عمر ۾ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ايڏو وڏو مسئلو نه آهي، گهريلو تڪرار ٿيندو آهي، ختم ٿي ويندو آهي. عدالت پيرسن عورت جي ننهن کي به ڇنڊ پٽي. جسٽس مبين لاکو چيو ته جنهن قسم جي زبان عدالت جي ڪمري ۾ سس لاءِ استعمال ڪري رهي آهين، ان تي جهيڙا ته ٿيندا. عدالت پيرسن عورت جي ننهن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته اوهان کي پٽ جو اولاد به نه آهي، ٿورو سوچيو بندو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ڪرپشن ڪري ٿو، دوکو ۽ فراڊ به اولاد لاءِ ڪري ٿو. عدالت چيو ته ڪجهه ڏينهن ڌار رهي سوچيو جيڪڏهن معاملو نه ٺهيو ته قانون مطابق فيصلو ڪري ڇڏينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ماءُ ۽ پٽ کي ملاقات جي هدايت ڪندي شنوائي 24 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button