ڪراچي: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿي، پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس داخل ٿيڻ جو ذميوار فضل الرحمان آهي، عمران خان 2011 ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته هي هڪ دفعو وري گڏ ٿيندا، بلاول جو هارورڊ يونيورسٽي ۽ بينظير جي تربيت به ڪجهه ٻوٽو نه ٻاريو، جنهن اوهان جي والد کي روڊ تي گهلڻ جون ڳالهيون ڪيون، ان سان گڏ ويٺا آهيو، اسان عمران خان سان پهاڙ وانگر گڏ بيٺا آهيون، کين خبر آهي ته عمران خان مدو پورو ڪري ورتو ته سندس سياست ختم ٿي ويندي. هو ڪالهه نيشنل انسٽيٽِوٽ آف اوشينو گرافي ڪلفٽن ۾ انٽر گريٽيڊ فزيڪل اوشينو گرافڪ ليبارٽري (آئي بي او ايل) جي افتتاح کان پوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.
دوري دوران اين آئي او جي ڊائريڪتر جنرل ڊاڪٽر ثمينه قدوائي وفاقي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي پرفارمنس ايگريمينٽ جي تحت پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ (سامونڊي پاڻي جي مداخلت)، سطح سمندر ۾ واڌ، سنڌ ۽ بلوچستان سان زميني ڪمي جي نگراني، اين آئي او فزيڪل اوشينو گرافي سيڪشن ۾ اينٽيگريٽيڊ فزيڪل اوشينو گرافي ليب هڪ نيوڪليئس طور ڪم ڪندي جتي جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان سمورا فزيڪل پراميٽرز ۽ ان سان لاڳاپيل ڊيٽا حاصل ڪيو ويندو ۽ ان جو تجزيو ڪيو ويندو. شبلي فراز اوشين سائنس جي شعبي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشيانو گرافي ۽ پروجيڪٽ ٽيم جي سائنسدانن طرفان ٿيندڙ ڪوششن کي سارهائيندي چيو ته هي ادارو پنهنجي تحقيقي سرگرمين کي فروغ ۽ وڌائيندو رهندو.