اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد علم پرائڻ تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تعليم سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان تقريبن جو اهتمام پاڪستان جي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ ٿيڻ گهرجي. نوجوان ڪيريئر جي چونڊ ۾مستقبل جي ضرورتن کي نطر ۾ رکڻ آئي ٽي سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. جمعي تي هتي پاڪ چائنا سينٽر ۾ وفاقي وزارت تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته تعليم جي پيشيوراڻي تربيت جي وفاقي وزارت شاگردن جي ڪائونسلنگ لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي. اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ نه هئي تنهنڪري ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جا موقعا نه هجڻ سبب اهي ٻاهر هليا ويا. صدر ڊاڪتر عارف علوي چيو ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪيلز گهڻي اهميت وارا آهن. سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي. صدر چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، ڪيريئر جي چوند ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. دنيا کي آئي ٽي جي شعبي ۾ سکيا ورتل ماڻهن جي ضرورت آهي. اڄ عورتون گهر ويٺي انترنيٽ جي ذريعي لکين رپيا ڪمائي رهيون آهن. انفارميشن ٽيڪنالوجي سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالوجي پاڪستان جي نوجوان لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آهن. وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني خطاب ڪندي تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ سنڌ کان وڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close