پاڪستانسنڌ

عمران خان ملڪ ۾ انتشار پکڙي رهيو آهي: سليم بلوچ

ملير: پيپلزپارٽي جي ايم پي اي محمد سليم بلوچ چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار پکڙي رهيو آهي، ائين ٿو لڳي ته عمران خان ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي. هڪ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان سندس زبان مان گارگند ۽ ڌمڪين واريون تقريرون سندس جي اقتدار جي وڃڻ سبب بوکلاهٽ جون نشانيون آهن. عمران خان جلد کان جلد پنهنجي انجام طرف پاڻ ئي وڃي رهيو آهي، ملڪ جو عوام عمران خان مان بيزار ٿي چڪو آهي.

جهڙي طرح هن تبديلي جو نالو هڻي اقتدار حاصل ڪيو پر عوام توڙي ملڪ جي فلاح ۽ بهبود ڪرڻ بدران ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ انتشار پکيڙڻ کي اهميت ڏني. هن وقت سڄي ملڪ ۾ عمران خان کي هٽايو جا نعرا بلند ٿي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي مارچ جي ڪاميابي سان ملڪ جي عوام ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي، ملڪ صرف پاڪستان پيپلزپارٽي ئي سنڀالي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button