پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ غربت ۽ بک کان تنگ زال ۽ مڙس جي آپگهات جي ڪوشش

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ زال ۽ مڙس غربت ۽ بک کان تنگ اچي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. جوڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، خبر موجب حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ 35 ورهين جي محمد فيضان ۽ 30 ورهين جي سندس زال ريحانه گهر ۾ زهريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

گهرڀاتين جوڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال پهچايو. جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻنهي زال ۽ مڙس زهريلي دوا پيتي آهي، جوڙي جو علاج ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته عورت ۽ مرد جي گهرڀاتين ٻڌايو ته جوڙو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بک تي هو ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button