ڪراچي: اطلاعات ۽ محنت کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گذريل ڏينهن پارليمينٽ لاجز تي حڪومتي رياستي دهشتگردي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي خلاف پيش ٿيڻ واري عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ شڪست قبول ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي هو غير جمهوري رستي تي هلي پيو آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد سان گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي آهي. پي ٽي آئي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي، جيڪا بحيثيت جماعت ڪرپٽ جماعت آهي. وزيراعظم جي ڪراچي ۾ تقرير هڪ شڪست واري تقرير هئي. هو بلاول ڀٽو جي اردو تي تنقيد ڪري رهيو آهي. عمران خان جي نه ذهني حالت ٺيڪ آهي ۽ نه ئي ان جو جغرافيه ۽ اردو ٺيڪ آهي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سنڌ ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊيون ٿين ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي روح جي مطابق قانون کي بهتر ڪنداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي نجمي عالم پڻ موجود هو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته سڀ کان پهريان اسان پارليمينٽ لاجز تي رياستي جبر جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هن قدم سان رياستي دهشتگردي تصور ڪيون ٿا. سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت گهٻراهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان گهٻراهٽ ۾ هن جي يو آئي (ف) جي ٻن قومي اسيمبلي جي ميمبرن، هڪ سينيٽر ۽ ان جي درزن ڪارڪنن تي تشدد ڪيو. هن چيو ته پوليس پاران پارليمينٽ لاجز جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پارليمينٽ لاجز ۾ ان طرح جي دهشتگردي نه ٿي آهي ۽ هي سڀ عمران خان جي گهٻراهٽ ۽ پريشاني کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت ذهني طور تي ان ڳالهه کي مڃي ڇڏيو آهي ته ان جي خلاف پيش ڪيل تحريڪ عدم اعتماد منظور ٿي ويندي. سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو جي اردو تي هو شخص تنقيد ڪري رهيو آهي. جنهن جو نه جغرافيه درست ۽ نه ئي ان جي اردو ٺيڪ آهي. هن چيو ٿه مان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا عمران خان جي ٽنهي پٽن کي اردو ايندي آهي. ڇا ان جا ٻار پاڪستان اچڻ کان قاصر ته نه آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ملڪ جي صورتحال اهڙي ناهي جو ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، پرامن احتجاج مخالف ڌر جو حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ جو عوام عمران خان کان بيزار آهي ۽ ان مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جا جيڪي ميمبر عوام جو ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻو آهي ۽ هو هن نااهل ۽ چونڊيل وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ کان انحراف ڪري رهيا آهن ۽ هو هن نااهل کي گهر موڪلڻ لاءِ هٿ ڌوئڻ لاءِ تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر پنهنجي ايندڙ سياست کي بچائڻ ۽ عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ ان جي درميان وڃڻ لاءِ جي وجهه سان قومي اسيمبلي رڪنيت ڇڏڻ لاءِ تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ جو خاڪو آئين ۾ موجود آهي ۽ سموريون مخالف ڌر ان تي متفق آهن. هن چيو ته سعيد غني چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ان حوالي سان حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب قانون کي بهتر ڪنداسين.