ڪوئيٽا :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آئون انهن جيان ناهيان، جن وٽ رڳو 5 سيٽون آهن ۽ صوبي جي وزارت اعليٰ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان کي اپوزيشن سان ٺاهه ڏانهن وڃڻ گهرجي. ڪالهه ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان بي اعتمادي لاءِ قومي اسيمبلي اجلاس کان 7 ڏينهن اڳ پارليامينٽ لاجز کي ايف سي ۽ رينجرز حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن امن امان جي ڪا شڪايت نه رهي، انصار الاسلام، بيت السلام ۽ پرائيويٽ مليشيا سميت ڪنهن کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين، حڪومت 245 تحت فوج گهرائڻ جو اختيار به رکي ٿي پر ان جي ضرورت پيش نه ايندي، اپوزيشن شڪست تسليم ڪري ۽ ان ئي پگهار تي ڪم ڪري. عمران خان جي اپوزيشن تي حملن بابت شيخ رشيد چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان کي ٺاهه ۽ ٿڌي پروگرام ڏانهن وڃڻ گهرجي، ڇو ته اهي بي اعتمادي ۾ هارائي ويندا ۽ ان کانپوءِ به اسان کي تنگ ڪندا. بهتر آهي ته هاڻ کان ئي اسان ٿڌا ٿي وڃون ۽ انهن کي ذهني طور تي تيار ڪري ڇڏيون ته توهان هارائي ويندئو. هن چيو ته چونڊن ۾ هڪ سال وڃي بچيو آهي، بهتر آهي ته اهي انتظار ڪن، ائين نه ٿئي جو 10 سال لائن ۾ لڳل رهن ۽ سليڪشن سليڪشن چوندا رهن. سندس چوڻ هو ته مان جبل جيان عمران خان سان گڏ بيٺو آهيان، انهن ماڻهن وانگر ناهيان، جن جون رڳو 5 سيٽون آهن ۽ پنجاب ۾ وزارت اعليٰ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close