اسلام آبادپاڪستان

ڀارت ميزائل بابت فوري ڇو نه آگاهه ڪيو،گڏيل جاچ ڪئي وڃي:پاڪستان

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت وضاحت ڪري ته ميزائل پاڪستان ۾ ڪيئن داخل ٿيو، اندروني عدالتي جاچ جو فيصلو ڪافي ناهي، پاڪستان گڏيل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. ڀارت طرفان ميزائل جي حادثاتي فائرنگ جي سرڪاري اعتراف کانپوءِ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي بچاءَ واري وزارت جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي. بيان ۾ ميزائل حادثاتي طور ڪِرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، اندروني عدالتي جاچ جي فيصلي تي افسوس آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي اختيارين طرفان پيش ڪيل سادي وضاحت ڪافي ناهي، ڀارت کي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارت کي حادثاتي ميزائل لانچ ۽ روڪڻ جي طريقي ڪار جي وضاحت ڪرڻ گهرجي. ميزائل جون قسم ۽ خاصيتون واضح طور بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميزائل جي اڏام جي رستي، رفتار جي وضاحت ڪرڻي پوندي. ترجمان ڀارت کان سوال ڪيا ته ميزائل نيٺ ڪيئن پاڪستان ۾ داخل ٿيو؟ ڇا ميزائل پاڻ کي تباهه ڪرڻ جي طريقي ڪار سان ليس هو؟ ڇا ڀارتي ميزائلن کي معمول جي سار سنڀال تحت به لانچ لاءِ رکيو ويو آهي. ترجمان چيو آهي ته پاڪستان طرفان وضاحت طلب ڪرڻ تائين ڀارت چُپ ڇو رهيو؟ ڇا واقعي ميزائل کي ان جي هٿياربند فوجن هينڊل ڪيو هو يا ڪجهه بدمعاش عنصرن؟ ترجمان موجب واقعو سنگين نوعيت جي ڪيترين ئي خامين ۽ ٽيڪنيڪي خامين جي نشاندهي ڪري ٿو. ڀارت جو اندروني عدالتي جاچ جو فيصلو ڪافي ناهي، پاڪستان حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ گڏيل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button