اسلام آبادپاڪستان

نور مقدم قتل ڪيس ۾ 8 جوابدارن جي بريت خلاف درخواست داخل

اسلام آباد:نور مقدم قتل ڪيس ۾ 8 جوابدارن جي بريت خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مدعي شوڪت مقدم جي وڪيل نور مقدم قتل ڪيس جي 9 جوابدارن جي بريت خلاف درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ ڏوهاري ظاهر جعفر جي والدين ذاڪر جعفر، عصمت آدم ۽ بورچي جميل جي بريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٿراپي ورڪس جي سي اي او طاهر ظهور سميت 6 جوابدارن جي بريت جي به مخالفت ڪئي وئي آهي. شوڪت مقدم طرفان داخل درخواست ۾ مالهي جان محمد ۽ چوڪيدار افتخار کي ٻين قلمن تحت سزا ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن خلاف ڊيجيٽل شاهديون موجود آهن. ٽرائل ڪورٽ قانون خلاف کين بري ڪيو. ان ڪري جوابدارن جي بريت ختم ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. ٽرائل ڪورٽ ڏوهاري ظاهر جعفر جي والدين، بورچي ۽ ٿراپي ورڪس سان تعلق رکندڙ جوابدارن کي بري ڪيو هو. ڏوهاري ظاهر جعفر، مالهي جان محمد ۽ چوڪيدار افتخار جي سزا وڌائڻ جي به اپيل داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button