اسلام آباد :سپريم ڪورٽ سنڌ جي مڪاني ادارن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 58 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين قانون سازن کي رياستي ادارن مٿان لامحدود صوابديدي اختيار نه ٿو ڏئي. صوابديدي اختيارن کي ايمانداري ۽ شفاف طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. پاڪستان جو آئين سڀني قانونن کان مٿانهون آهي، ان سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ هر قانون غير آئيني هوندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بااختيار مقامي حڪومتون معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. جمهوريت ۾ مقامي حڪومتن جو ڪردار اهم آهي، مقامي حڪومتن تي انتظامي ڪنٽرول شهرين جي حقن جي سراسر خلاف ورزي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جا آرٽيڪل 74 ۽ 75 آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهن. آئين جي آرٽيڪل 140 جو مقصد مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين مقامي حڪومتن کي سياسي، مالي ۽ انتظامي ذميواريون ڏئي ٿو. آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي اگر مگر جي ڪا گنجائش ڪانهي، سنڌ حڪومت سمورا قانون آرٽيڪل 140 اي موجب تبديل ڪري. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت هر صوبو مقامي حڪومتون ٺاهڻ جو پابند آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۾ سنڌ حڪومت کي مڪاني ادارن جو ڪنٽرول وٺڻ جو اختيار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close