اسلام آباد : حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد جلسي ۾ 10 لک ماڻهو آڻڻ بدران 172 ميمبر پورا ڪرڻ جي ڳڻتي ڪري. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ڪاميابي جي آخري مرحلن ۾ آهيون. عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، ڇو جو مڪاني چونڊن جي نتيجن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي، اصولي طور عمران خان هاڻي عوام کي خطاب نٿو ڪري سگھي. اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نواز شريف پاڪستاني آهي ۽ کيس وطن واپسي کان ڪوئي روڪي نٿو سگھي. عمران خان روس به پنهنجي اسرائيلي سالي جي چوڻ تي ويو. فضل الرحمان چيو ته عمران خان خلاف سڄو ملڪ تيار آهي، اسان انهن کي ڪنهن وقت به اسلام آباد گھرائي سگھون ٿا. بيورو ڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو حڪم نٿي مڃي. عمران خان چرين وانگي گھمي رهيو آهي، وائڙو ٿي ويو آهي. اسيمبلي ميمبر ڪنهن کان نه ڊڄن، عمران خان ڀڀڪيون هڻڻ ڇڏي ڏئي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا، عمران خان اسلام آباد ۾ ڏهه لک ماڻهو آڻڻ بدران 172ميمبر پورا ڪرڻ جو فڪر ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close