اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف جي هڪ ٻي اهم وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي. وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي ماحول گرم آهي ۽ سياسي پارٽيون سرگرم نظر اچي رهيون آهن. ان صورتحال ۾ پنجاب مان تحريڪ انصاف جي وڏي وڪيٽ ڪِري آهي ۽ امتياز صفدر وڙائچ پي ٽي آءِ کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي. امتياز صفدر وڙائچ پ پ ۾ شموليت کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جتي پ پ چيئرمين کيس پارٽي ۾ شموليت تي واڌايون پيش ڪيون. پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ امتياز صفدر وڙائچ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. واضح رهي ته امتياز صفدر وڙائچ جون 2016 ۾ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو. ان کان اڳ وزيراعظم جي اڳوڻي ترجمان نديم افضل چن به پ پ ۾ واپسي ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close