پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پي پٽ جي گرفتاري خلاف رهواسين جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڏانو ڀيل ۽ سندس پٽ رميش ڀيل کي نبي سر جي ايس ايڇ او پاران گرفتار ڪرڻ خلاف رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايڇ او نبي سر ۽ مير علي گوھر خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج ۾ لالا ڀيل، ڪونڀو ڀيل، پي ٽي آئي ورڪر ڪريم تبسم مڱريو ۽ ٻين مردن سميت عورتن به شرڪت ڪئي. خطاب ڪندي راجن ڀيل، لالا وڪيل ڀيل، پاندي ڀيل ۽ ٻين چيو ته ڏانو ڀيل تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي ۽ زمين تي قبضو ڪيو ويو آھي، اسان جي انٽر جي شاگرد رميش ڀيل کي به گرفتار ڪيو ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ٻنھي نوجوانن کي کنڀيو ويو، هڪ کي گم ڪري ٻئي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن کي آزاد ڪري ايس ايڇ او نبي سر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن چيو ته عمرڪوٽ پوليس سياسي اشارن تي ڪم ڪري رھي آھي ۽ ماڻھن کي اغوا ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ڏانو ڀيل تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس پٽ رميش کي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي. احتجاج دوران ٽيليفونڪ تي خطاب ڪندي پي ٽي آئي جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيھي وزير مخدوم شاھه محمود قريشي سنڌ جي وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعلى مسڪين ماڻهن سان زيادتيون ۽ ظلم بند ڪر، اوهان پنھنجو پاڻ کي بادشاهه سمجهو ٿا، پر مٿي به هڪ بادشاهه آهي، جنهن جي لٺ بي آواز آهي، اوهان اقتدار ۾ آهيو، پر اهو سمجهه ته ڪرسي عارضي هوندي آهي، ۽ خدا کان ڊڄو ۽ ڪوڙا ڪيس داخل نه ڪرايو، توهان قانون جي ڳالهه ڪريو ٿا، پر هي آهي توهان جي سنڌ، جتي اقليتن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن زمينن قبضا ڪرايا ٿا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button