اسلام آباد : او آئي سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48هين اجلاس جي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي. آچر تي شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ او آئي سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي آفيس جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن سرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت جي مختلف ڪميٽي جي سربراهن پرڏيهي وزير کي او آئي سي اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قريشي چيو ته اجلاس جي ڪامياب اهتمام کان پوءِ 48هين او آئي سي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته پاڪستان سفارتي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. پرڏيهي وزير سمورن آيلن جو شڪريو ادا ڪندي هدايت ڪئي ته اجلاس جا انتظام بهتر نموني سان مڪمل ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close