ھالا/نيوسعيدآباد: سروري جماعت جي اڳوڻي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم امين فھيم جو ڀا، ناليوارو سياستدان ۽ شاعر مخدوم خليق الزمان ڪجھه عرصو بيمار رھڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 73 سال جي عمر ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز درگاهه سرور نوح جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مخدوم خاندان جي فردن، سياسي سماجي شخصيتن سميت سروري جماعت جي مريدن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنھن کانپو مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي پوئينرن ۾ ٻه پٽ مخدوم انيق الزمان، مخدوم لبيب الزمان ۽ ھڪ نياڻي شامل آھي، علاقي ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل آھي، ڏک ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا.
مخدوم خليق الزمان مشهور سياستدان، اديب ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس اصل نالو مخدوم غلام محمد آهي. هن هالا نوان موجوده مٽياري ضلعي ۾ 13 فيبروري 1949ع تي جنم ورتو. مخدوم خليق الزمان گريجوئيٽ ڪئي. هو ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص “خليق” هو. هن شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم صاحب سندس استاد آهي. مخدوم خليق الزمان شاعريءَ جو آغاز 1972ع کان ڪيو. ملڪي سياست ۾ سندس گهرو عمل دخل رهيو. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر، سينيٽر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر رهي چڪو.