ھوسڙي(پورٽ: عمران نديم شورو) ھوسڙي ڀرسان کٿڙ پل نه ٺھي سگهي، رھواسي پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور، انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو، خبر موجب ھوسڙي ڀرسان پي ايس 64 تعلقه لطيف آباد جي قديمي ڳوٺن کي شھرن سان ملائيندڙ کٿڙ پل گذريل اٺن سالن کان ناڪارا ۽ زبون ھئڻ ڪري مقامي رهواسي پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. قديمي ڳوٺن کٿڙ وليج، عبدالرحمان شورو، بولاخان شورو، حسين بخش ميربحر، ٻڍو بروھي، ٻرڙو ڳوٺ، دوست محمد شورو، مبارڪ شاھي، بچل شورو ۽ کٿڙ اسٽيشن سميت ويھه کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائڻ سان گڏوگڏ ڀر وارن شھرن حيدرآباد ۽ ٽنڊومحمدخان سان ملائيندڙ کٿڙ پل بي ڌياني سبب تباھه ۽ خطرناڪ ٿي پئي آھي.
ان سلسلي ۾ پ پ ھاري ڪميٽي حيدرآباد جي صدر ڪامريڊ لکاڏنو شورو، غلام مصطفى راٺوڙ، نديم شورو ۽ ٻين ڳوٺاڻن صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل 8 سالن کان کٿڙ پل ناڪارا بڻيل آھي ۽ درخواستون ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر حيدرآباد سميت ايم پي ايز کي ڏنيون آھن پر سکڻن آسرن ۽ من گھڙت سروي ۽ وزٽن کانسوا ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. ھنن اپيل ڪندي چيو ته کٿڙ پل جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد پل کي نئين سر تعمير ڪري رھواسين مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.