پاڪستانسنڌ

عمران سرڪار جو بي اعتمادي رٿ ذريعي خاتمو ايندو: راشد محمود سومرو

چوھڙ جمالي: جي يو آئي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ کي تباھي توڙي برباديءَ طرف وٺي ويندڙ عمران خان سرڪار جو بي اعتمادي رٿ ذريعي خاتمو ضرور ايندو ۽ مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ 23 مارچ تي اعلانيل اسلام آباد لانگ مارچ تاريخ جو ھڪ يادگار مارچ ھوندو. اھڙو اظھار هن چوھڙجمالي جي مدني چوڪ ويجھو جي يو آ طرفان ڪوٺايل سالياني عظيم الشان سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

ھن چيو ته اسان کي نبي صه پاڪ جي سيرت کي سمجھڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي، نئين نسل کي صحيح دڳ ڏسڻ لا سياست محمد صه ۽ ڪردار محمد صه کي روشناس ڪرائڻو پوندو، اسان جي نبي صه سياست جا پڻ امام آھن ته امت جي ھر پھلو ۾ رھنمائي ڪندڙ توڙي امام آھن، انھيءَ جي تعليمات ۽ سنت تي عمل ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت سنواري سگھجي ٿي، ھن چيوته نيازي سرڪار ملڪ کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري ھي ملڪ تاريخ جي بدترين دور مان گذري پيو، شايد اھڙو بدترين دور ڪڏھن نه اچي پر نيازي سرڪار جو خاتمو اڻٽر ٿي ويو آھي. ان موقعي تي مولانا صالح الحداد سجاولي، مولانا گل حسن زئور، حافظ فضل الله فياض ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button