حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آھي، ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ انسانيت جي قاتل دھشتگردن تان سوين قتلن جا ڪيس ختم ڪري انھن کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيور ڪيو ويو آھي، جنھن سان سنڌ جو امن تباھه ٿيو آھي، شھر يرغمال ٿيا آھن، تعليم، صحت ۽ ٻين ادارا ڀتا مافيا وٽ يرغمال ٿيا آھن، انساني آزادي قيد ٿي آھي، جمھوريت ۽ سياست تي بندش ٿي آھي.
اياز لطيف پليجي چيو ته ايم ڪيو ايم سان اقتدار خاطر اتحاد ڪري سنڌ جي امن کي دا تي نه لڳايو وڃي، ڪراچي جي روشنين کي اوندھه ۾ نه بدلايو وڃي، زمين دوز ٿيل دھشتگرد مافيا کي وري جيئرو نه ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپشن ۽ دھشتگردي ھڪٻئي سان جڙيل آھن، ائين پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، اھي اقتدار لا گڏ ٿين ٿا ۽ اقتدار لا نفرت جي سياست ڪن ٿا.