پاڪستانسنڌ

بلڙي ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل واپاري بازياب ٿي ويو

بلڙي شاهھ ڪريم: بلڙي شاھه ڪريم ٿاڻي تي اوچتو سول جج 5 ٽنڊو محمد خان فھيم سھتو ڇاپو هنيو، ٻن ڏينھن کان بغير ايف آ آر جي ناحق باندي بڻايل فروٽ جي واپاري عبدالعزيز رند کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، باندي بڻيل بڻايل واپاري عزيز رند جي وڏي ڀا امتياز پٽ عليان رند اھڙي درخواست سيشن جج ٽنڊومحمدخان کي ڏني هئي، جنھن تحت سول جج 5 اھڙي ڪارروائي ڪئي،

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي باندي بڻايل واپاري عبدالعزيز رند ٻڌايو ته ايس ايڇ او بلڙي شاھه ڪريم 5 پوليس اهلڪارن سان گڏ منھنجي گھر تي ريڊ ڪري بناجواز مون کي کڻي لاڪپ ڪري، منھنجي تذليل ڪئي. جڏھن ته عدالت جي حڪم تي مون کي بازياب ڪرايو ويو آھي. ٻئي طرف سول جج جي اوچتي ڇاپي کانپو ٿاڻي تي پوليس عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button