سيراڻي: بدين ضلعي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي کي سرسبز ڪندڙ واهن ۾ هڪ مهيني کان پاڻي جي بدترين کوٽ سبب فصل سڪڻ لڳا، پاڻي نه هئڻ سبب ڍنڍون ڍورا سڪي ويا، ساحلي پٽي جي آبادگارن ۽ علائقي واسين حاجي انور چاوڙو، اصغر خاصخيلي، جان محمد گهاڻو، منٺار ڀٽي، غلام محمد ملاح ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي، بدين ضلعي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي کي سرسبز ۽ آباد ڪندڙ ميرواهه، نور واهه، قاضيه واهه، گنج بحر، سومرا شاخ، گرهڙي، سوريهڏي، احمد راڄو، شيخاڻي گهاڙي سميت واهن جي پوڇڙ ۾ مسلسل پاڻي نه پهچڻ سبب آبادي ته ٿي نه سگهي، واھن ۽ شاخن جي پيٽ ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي، علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سمنڊ ويجهو ڳوٺن ۾کوهن، هينڊ پمپن جي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي.
سامونڊي پٽي جي مختلف يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ، احمد راڄو، شهيد دودو سومرو، ٻهڊمي جي ديهن جي هزارين ايڪڙ زرعي زمينن کي مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، هنن چيو ته واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مالوند ماڻهو پريشاني جي ور چڙهي ويا آهن، چوپائي مال جو چارو نه ٿيڻ ڪري چوپايو مال بک ۽ اڃ وگهي بيمار ٿي ويو آهي ۽ پاڻي جي بدترين کوٽ هئڻ ڪري ووئڻن، مرچ ۽ جنتر سميت فصل سڪڻ ۽ سڙڻ لڳا آھن، علائقي جي زراعت تباھه ٿي وئي آهي، آبادگار معاشيءَ بدحالي جا شڪار بڻجي ويا آهن. هنن گهر ڪئي ته بدين جي پوڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي پهچائي علائقي کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي.