حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي گهر ۾ ڪهي قتل، قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، قتل ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. خبر موجب حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد جي علائقي گلشن خير محمد ۾ پورهيت جي گهر مان سندس 8 ورهين جي ٻارڙي نينا ڌي گڻيسو جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن پوليس کي ٻڌايو ته ٻارڙي کي تيزڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش ملڻ بعد پورهيت جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻارڙي جي پي گڻيسو پوليس کي بيان ڏنو ته آئون ۽ زال ڪم تي ويل هئاسين ته پٺيان گهر ۾ ڌي کي قتل ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ويو.
هن چيو ته اسان سان گهر ۾ مائٽ به گڏ رهندا آهن. خبر ناهي ڌي کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او ٽنڊو يوسف ٿاڻو ابراهيم بوزدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻارڙي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي. قتل ۾ استعمال ٿيل ڇري به هٿ ڪئي آهي، خدشو آهي ته کيس گهر ۾ ڪنهن مائٽ ئي قتل ڪيو آهي. وارث اچن ته قتل ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ويندي ته ٻارڙي کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. جڏهن ته ٻارڙي سان زيادتي جي حوالي سان ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويندو.