پاڪستانسنڌ

سجاول ۾ ماسترياڻي تي حملو، تشدد، اسڪولن جو بائيڪاٽ، ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

سجاول: سجاول جي مين پرائمري گرلز اسڪول جي ماسترياڻي تي حملو، احتجاج طور اسڪول بند، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيو، خبر موجب سجاول جي مين گرلز پرائمري اسڪول ۾ سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ آيل مھتاب عرف راجا خاصخيلي نالي شخص ھيڊماسترياڻي نه ھئڻ سبب سرٽيفڪيٽ نه ملڻ تي انچارج ھيڊماسترياڻي آپا مريم شاھه تي حملو ڪري کيس تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. اھڙي اطلاع ملڻ تي پ ٽ الف پاران احتجاج طور شھر جي سمورن اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪري تدريسي عمل بند ڪيو ويو.

جڏهن ته پ ٽ الف اڳواڻ ضلعي سجاول جي صدر محمد موسى لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ سوين استادن ايس ايس پي سجاول آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ماسترياڻي تي حملو ڪري تشدد ڪرڻ انتھائي ڪريل حرڪت آھي. جوابدار مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ ماسترياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري سنڌ جا استاد سراپا احتجاج ھوندا. هواڏنهن استادن جي احتجاج کانپوءِ آپا مريم شاھه جي فرياد تي جوابدار مھتاب عرف راجا خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏھن ته پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button