جوهي: اٽلي حڪومت پاران جوهي شھر لا ڏنل 32 ڪروڙ جي واٽر سپلا اسڪيم ميونسپل ڪميٽي جوهي ۽ پبلڪ هيلٿ دادو جوهي آفيسرن جي نااهلي سبب ناڪارا بڻجي وئي، جنهن سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻي لا پريشان ٿي ويا، جنهن خلاف نئين ڪالوني وارڊ 7 جي رهواسين عنايت گوپانگ، رشيد لغاري، اصغر لغاري، علي محمد عباس، سڪندر کوسو، ڪامريڊ غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ جهريون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي پئسن عيوض برف جي ڪارخانيدارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آھن، جنهن ڪري اسان کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close