اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو ڪم جلسا ڪرڻ ناهي،جلسا ملتوي ڪيا وڃن:چوڌري شجاعت

اسلام آباد : پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اپيل ڪئي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ملڪ جي اعليٰ ترين مفاد ۾ پنهنجا جلسا ملتوي ڪن. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي درخواست آهي ته انهن جن جلسن جو اعلان ڪيو آهي ملڪ جي اعليٰ ترين مفاد ۾ اهي بنا دير اهي جلسا نه ڪرڻ جو اعلان ڪن. هن چيو ته پاڪستان جون موجوده اڻ وڻندڙ معاشي ۽ سياسي حالتون هن خطرناڪ ڇڪتاڻ جي سٽ نه سهي سگهنديون. هن چيو ته غربت ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام حڪومت ۽ اپوزيشن جي جلسن ۽ نمبرن جي سياست کان سخت پريشان آهي. چوڌري شجاعت چيو ته تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اپوزيشن ته جلسن جي سياست ڪندي آهي پر هن وقت حڪومت به ان جي مقابلي ۾ جلسا ڪرڻ نڪري پئي آهي. جيڪو حڪومت جو ڪم نه آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جون حرڪتون ملڪ ۾ بحران پيدا ڪري سگهن ٿيون، جنهن جو فائدو پاڪستان جي اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن کي ٿي سگهي ٿو. چوڌري شجاعت حسين چيو ته ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن کي چڙ ڏيارڻ واري سياست جو رستو نه ڏيکارين. هن چيو ته آئين ۽ جمهوريت جي پاسداري لاءِ هار ۽ فتح کي انا جو مسئلو بنائڻ بنا جمهوري طريقي مطابق ووٽنگ ۾ حصو وٺن. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ هميشه ملڪي مفاد جي سياست ڪئي آهي، اسان کي ننڍي پارٽي چوندڙ وساري ويٺا آهن ته اسان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ وڏا فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته هن ويڙهه ۾ ڪوئي مارجي ويو يا ڪنهن کي ماريو ويو ته سڀ پڇتائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button