ٽنڊو جان محمد/ ڊگھڙي: ٽنڊو جان محمد ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر مير نور محمد ٽالپر فوت ٿي ويو. حادثي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ٽنڊو جان محمد ڀرسان ڳوٺ ديهه 194 اسٽاپ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر ڳوٺ ربو جو رهواسي مير نور محمد ٽالپر فوت ٿي ويو، ساڻس گڏ سوار عوامي تحريڪ جا اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما اشرف رند سخت زخمي ٿي پيا، سامهون واري موٽرسائيڪل تي سوار اسماعيل ولد غلام مصطفى خاصخيلي پڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو جان محمد کان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما اشرف رند کي سنڌ ميڊيڪل سينٽر ڊگهڙي آندو ويو، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. عوامي تحريڪ جا زخمي ۽ فوتي اڳواڻ ٽنڊو جان محمد ڀرسان ڳوٺ ڪارياڻو ۾ پارٽي اڳواڻ مرحوم ماما محمد بخش جروار جي چوٿين ورسي ۾ شرڪت لا وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو. فوتي اڳواڻ مير نور محمد ٽالپر 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شامل رهيو ۽ جدوجھد ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close