اسلام آبادپاڪستان

آصفا سان ڊرون ٽڪرائجڻ جي جاچ ڪئي وڃي:پ پ جو آ ايس آ کي خط

اسلام آباد:پاڪستان پيپلز پارٽي آصفا ڀٽو زرداري سان ڊرون ٽڪرائجڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي خط لکي ڇڏيو. پ پ جي پڌرائيءَ موجب پارٽي طرفان ڊي جي آءِ ايس آءِ کي خط سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري لکيو آهي، خط ۾ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ۽ ان جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 4 مارچ تي خانيوال ۾ پ پ جي عوامي مارچ ۾ ڪنٽينر تي بيٺل آصفا ڀٽو زرداري کي ڪئميرا ڊرون لڳو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي هئي ۽ کيس علاج لاءِ اسپتال نيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button