اسلام آباد: بلوچستان عوامي پارٽي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان مسلم ليگ ق جي اتحادين بابت گڏيل فيصلي جو بيان رد ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير زبيده جلال پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ ميڊيا طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان انفرادي طور فيصلو ڪنداسين. صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان باقي اتحادين سان گڏجي فيصلو ڪندئو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي اڃا مشاورت ڪري رهي آهي ۽ اسان انفرادي طور تي فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته اسان پارٽي ۽ بلوچستان جي مفاد موجب فيصلو ڪنداسين، ق ليگ چيو ته اتحادين جو گڏيل فيصلو ٿيندو، هر سياسي پارٽي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي پارٽين سان ملي رهيا آهيون، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ ٻئي گروپ جو الڳ موقف آهي. معاملو ڪيستائين حل ٿي ويندو؟ ان جي جواب ۾ وفاقي وزير زبيده جلال اميد ظاهر ڪئي ته هي معاملو به جلد حل ٿي ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close