اسلام آبادپاڪستان

لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2021 ڪالعدم،2015 تحت مڪاني چونڊن جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2021 کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015 تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2021 خلاف اڳوڻي يوسي چيئرمين سردار مهتاب، سي ڊي اي مزدور يونين ۽ سي ڊي اي آفيسرز ايسوسيئيشن سميت ٻين درخواستن تي فيصلو ٻڌايو. عدالت لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2021 کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آہي ته مڪاني چونڊون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015 جي تحت ڪرايون وڃن. درخواستگذارن طرفان بيريسٽر عمر اعجاز گيلاني، قاضي عادل، ڪاشف ملڪ ۽ ٻين وڪيلن دليل ڏنا۔ جڏهن ته حڪومتي وڪيل ٻڌايو ته 19 نومبر تي پارليامينٽ جو سيشن ختم ٿيو ۽ 23 نومبر تي آرڊيننس جاري ٿيو. درخواستن ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون مڪاني نظام آڻي چيئرمين جو ڪردار محدود ڪرڻ ۽ آرڊيننس جي باقاعده قانون نه بنجڻ جي صورت ۾ چونڊيل نمائندن جي مستقبل تي سوال اٿاريا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button