اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وزيراعظم عمران خان کي 18 مارچ تي شيڊيول ڪرم ضلعي جي دوري کان روڪي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن موجب پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وزيراعظم ۽ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اهو دورو اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم دورو ڪيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي لوئر دير ۽ سوات ۾ به جلسي کان روڪيو هو پر عمران خان انهن جلسن ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close