اسلام آباد:اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 493 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ هڪ هزار 3 مريض صحتياب ٿيا آهن، پاڪستان ۾ 30 هزار 317 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 20 هزار 120 ٿي چڪو آهي ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽيليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 17 هزار 512 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 567 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ 34 هزار 698 ٽيسٽون ڪيون ويون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close