اسلام آباد:سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪومت هفتي 10 ڏينهن ۾ اچي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڳالهه سان اختلاف نه آهي، بس ڪجهه شين جي ورڊنگ ڏسڻي پوندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان هر سياسي پارٽي جنهن وٽ مينڊيٽ آهي، ان سان ڳالهه ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ايم ڪيو ايم مطالبن جو پيپر ٺاهي آئي هئي، ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي ڪوئي اختلاف نه آهي. بس ڪجهه شين جي ورڊنگ ڏسڻي پوندي. بي اعتمادي رٿ تي مراد علي شاهه چيو ته بي اعتمادي رٿ تي 28 مارچ کان اڳتي نٿا وڃي سگهون، حڪومت چئي رهي آهي ته اسان جا نمبر پورا آهن. اهڙي ڳالهه آهي ته بيشڪ اڄ ئي اجلاس سڏائي ووٽنگ ڪرائي وٺو. 172 کان وڌيڪ ماڻهو بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪندا. هن چيو ته عمران خان ماڻهن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏنا آهن، ان لاءِ هڪ ڪروڙ ماڻهو ته ايندا. وڏي وزير ٽوڪيندي چيو ته گورنر هائوس ۽ پرائم منسٽر هائوس ۾ جيڪي يونيورسٽيون ٺهي ويون آهن، انهن کي بند نه ڪريو، انهن يونيورسٽين جا شاگرد هاڻي پنهنجي آخري سال ۾ آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽِي جي قيادت فيصلو ڪندي ته جي يو آئي جي عوامي مارچ ۾ شرڪت ڪجي يا نه ڪجي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي عوامي مارچ سان حڪومت تي دٻاءُ پيو، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ ۾ ملڪ جي سمورن علائقن مان عوام شريڪ ٿيو. وڏي وزير چيو ته عمران خان ڪڏهن به مفاهمت جو ناهي سوچيو، اسان چونڊ سڌارن لاءِ آڇون ڪيون. اسان چونڊ سڌارن جي حڪومت سان ويهڻ لاءِ تيار هئاسين. ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ شنوائي ٿي، جيڪا 21 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج اصغر علي شنوائي ڪئي. وڏي وزير سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ساٿي جوابدر سلطان فاروق احمد ۽ مسعود نقوي پاران نيب ريفرنس چئلينج ڪيو ويو. سلطان فاروق، مسعود نقوي احتساب عدالت ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. نيب جو نجم الحسنين، حسن رضا، شاهنواز فرحان، آغا واصف ۽ ٻين ساٿي جوابدارن جي درخواستن تي جواب پيش ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close