اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن قيادت ۽ حڪومتي اتحادين ۾ ملاقاتون،متحده طرفان اپوزيشن جو مشروط ساٿ ڏيڻ جو اشارو

اسلام آباد :حڪومت خلاف جوڙ توڙ جو سلسلو جاري آهي. اپوزيشن جون حڪومتي اتحادين سان پڻ ملاقاتون ٿيون آهن. آصف علي زرداري پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد واري رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي. ان دوران عدم اعتماد واري رٿ ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پ پ 23 مارچ واري لانگ مارچ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي آهي. مون کي آصف زرداري وٽ دعوت لا وڃڻو هو پر هو پاڻ مون وٽ هلي آيو، دعوت تي هن چيو ته مون اڳ ئي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف مولانا جي رهائشگاهه تي اپوزيشن جو اجلاس ٿيو، آصف زرداي، شاهد خاقان ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اپوزيشن عدم اعتماد معاملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سمورا اتحادي جمهوريت جي بهتري لا ساٿ ڏيندا. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ اپوزيشن موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم مطالبا مڃڻ جي صورت ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب حتمي فيصلي لا اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي. مولانا جي گهر آصف زرداري ۽ شهباز شريف ايم ڪيو ايم وفد سان گڏجاڻي ڪندو. ذريعن مطابق مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، امين الحق، عامر خان ۽ اظهارالاحسن شريڪ ٿيا. ملاقات ۾شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مريم اورنگزيب به موجود هئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته اتحادين سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جلد فيصلو ٿي ويندو. صحافي سوال ڪيو ته دير ڇو ٿي رهي آهي، شهبازشريف جواب ڏنو ته اهو سوال اتحادين کان پڇو ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اوهان دعا ڪريو. ان موقعي تي امين الحق چيو ته اسان اتحادين جي پاڻ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم 3 نقطا سمورين پارٽين جي آڏو رکيا آهن. ايم ڪيوا يم جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ جمهوري روايتون قائم رکڻ گهرجن. پارليامينٽ جي بالادستي برقرار رکڻ گهرجي. هر صورت ۾ شهري سنڌ ۾ امن امان قائم رکيو وڃي. انهن شين تي اسان جون ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهبازشريف جا ٿورائتا آهيون، ڳالهين جو هي عمل جاري رهندو. خالد مقبول ڳالهين واري عمل کي رابطا ڪميٽي جي آڏو رکندو. رابطا ڪميٽي گڏيل صلاح مشوري سان فيصلو ڪندي. رابطي ڪميٽي جو اجلاس جلد سڏايو ويندو. هن چيو ته اسان هميشه سنڌ جي شهري ترقي جي ڳالهه ڪئي آهي، بلدياتي نظام کي مصبوط ۽ موثر بنائڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم ڪڏهن به وزارت، گورنرشپ يا مشير جي ڳالهه ناهي ڪئي. ان موقعي تي خواجه سعد رفيق چيو ته اتحادين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، سڀني پارٽي جا پنهنجا سياسي ايجنڊا آهن. هن چيو ته پوزيشن حڪومتي اتحادين کي آئيني ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ڏيڻ لا تيار آهي. هن چيو ته ٺهندڙ حڪومت ۾ سمورين سياسي پارٽين جو رنگ شامل هوندو. گڏيل اپوزيشن متحد آهي اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button