اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم طرفان ٽرانسفر يا مقرري جو حڪم غيرآئيني هوندو:فضل الرحمان

اسلام آباد : جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم يا حڪومت طرفان ڪنهن قسم جي ٽرانسفر يا مقرري يا ان سان لاڳاپيل حڪم غير دستوري ۽ غير آئيني هوندو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جي فارن پوسٽنگ پنهنجا نوازي جو چٽو مثال آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪو ماڻهو گذريل ڪيترن ئي سالن کان عمران خان جي سيڪريٽري طور فرض نڀائيندو رهيو، ان جي سٺن ۽ خراب عملن ۾ شريڪ رهيو. تحريڪ عدم اعتماد کان پوءِ فارن پوسٽنگ غيرقانوني ۽ غير اخلاقي آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان پوءِ ڪنهن قسم جي پوسٽنگ، اپائنٽمينٽ يا ان کي واپس وٺڻ غلط قدم هوندو ۽ ان جي مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي اميد آهي ته عدالتون ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. ايمرجنسي يا گورنر راڄ لڳائڻ جو اختيار به عمران خان وٽ نه آهي ڇو ته هو اڪثريت وڃائي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button