حيدرآباد: آغا خان يونيورسٽي ۽ ٽي وي آ طرفان نيشنل ۽ صوبائي اي او سي جي سهڪار سان حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ “ما ۽ ٻار جي صحت” جي عنوان هيٺ مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون. لطيف آباد، قاسم آباد، حيدرآباد ٻهراڙي ۽ سٽي جي 10 مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون، حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن دوران فري ميڊيڪل ڪئمپن ۾ 3372 مريضن جو مفت چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون، “ما ۽ ٻار جي صحت” بابت لڳايل ڪئمپن جي ڪوآرڊينيٽر عطا چوپان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل پوليو مهم دوران گهر ۾ موجود نه رهندڙ 195 ٻارن سميت پوليو جي بچا وارا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويل 214 ٻارڙن ۽ 19 انڪاري ٻارڙن جي والدين کي راضي ڪري پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آهن.
جڏهن ته ڪئمپ دوران 121 ٻارڙن کي بيمارين کان بچا جا ٽڪا پڻ لڳايا ويا آهن، جن کي پيدائش کانپو هڪ به حفاظتي ٽڪو نه لڳو هيو. ڪئمپن جي نگراني ڪرڻ لا آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر مينيجر ريسرچ ڊاڪٽر طارق سميجو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن حيدرآباد جي اميونائيزيشن آفيسر ڊاڪٽر نور سومرو، ڊي ٽي ايف جي ڊاڪٽر جمشيد، ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي امام بخش مگسي، ڊاڪٽر دليپ، ڊي ايڇ سي ايس او جي ڪاظم جتوئي، صوبائي اي او سي طرفان ڊاڪٽر احسان ڀرڳڙي ۽ ٻين ڪيمپن جا دورا ڪيا.