پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ سوزوڪي پل سان ٽڪرائجي وئي، نوري آباد واسي فوت

نوري آباد: نوري آباد جي ڳوٺ حاجي ولو جاکرو جو رھواسي سوزوڪي ڊرائيور مير محمد جاکرو ڪراچي کان نوري آباد طرف اچي رهيو هو ته سوزوڪي تيز رفتاري سبب ملير ڪراچي جي پل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور مير محمد جاکرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ھڪ ڄڻُو سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن ته فوتي جو لاش ۽ زخمي کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي ڊرائيور مير محمد جاکرو جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button