ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ويجهو زميني تڪرار تان ڀائيٽن هٿان چاچو قتل ٿي ويو، ڀٽ شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ اگهم وساڻ ڀرسان زمين جي پراڻي تڪرار سبب ٻني تي پهتل چاچي ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن جوابدار ڀائرن محمد علي ۽ فراز علي وساڻ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي چاچي 45 ورهين جي اميد علي پٽ محمد علي وساڻ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سئوٽ امام علي وساڻ کي ڏاٽا هڻي آڱريون ڀڃي زخمي ڪري ڇڏيو. جوابدار فرار ٿي ويا ۽ وارثن زمين تي پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو. قتل ٿيل اميد علي وساڻ ۽ زخمي امام علي وساڻ کي کڻائي مٽياري اسپتال پهچايو ويو، جنهن بعد ٻيهر فوتي ۽ زخمي کي ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش مقتول جي ڀا محب علي ۽ ٻين وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ٻئي پاسي ڀٽ شاهه پوليس واقعي هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ فرار ٿي ويل محمد علي ۽ فراز جي پي دوست علي وساڻ سميت جوابدارن جي مدد ڪرڻ جي شڪ ۾ ٻن نامعلوم ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او ڀٽ شاهه ڪرم عمراڻي جو چوڻ آهي ته واقعو گهر جي پلاٽ ۽ زمين جي ڪجهه ويسن جي مالڪي تان پيش آيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويا آهن، جن جي پي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ جوابدارن کي فرار ڪرائڻ جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي به گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. مقتول جي ڀا محب علي وساڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، ڀائيٽن ظلم ڪري منهنجي ڀا اميد علي کي قتل ڪري منهنجي پٽ کي زخمي ڪيو آهي، اسان تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائينداسين. هوڏانهن ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي، ايس ايڇ او ڀٽ شاهه کي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.