اسلام آباد :وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي مڇريل ڪارڪنن سنڌ هائوس تي حملو ڪري ڏنو ۽ دَر ڀڃي اندر داخل ٿي ويا. پوليس پي ٽي آءِ جي ٻن ايم اين ايز فهيم خان ۽ عطا الله نيازي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪالهه تحريڪ انصاف جي مڇريل ڪارڪن ايم اين ايز فهيم خان ۽ عطاءُ الله جي اڳواڻي ۾ سنڌ هائوس داخل ٿيا، جتي هنن حملو ڪرڻ دوران احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي. سنڌ هائوس ۾ مقرر پوليس اهلڪار مڇريل ڪارڪنن اڳيان بي وس نظر آيا. پي ٽي آئي جي ڪارڪنن باغي قومي اسيمبلي ميمبرن کان فوري طور تي استعيفا جو مطالبو ڪندي سنڌ هائوس پهتا ۽ هٿن ۾ لوٽا کڻي مرڪزي دروازو ٽوڙي اندر گهڙي پيا. جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي نفري به سنڌ هائوس پهچي وئي پر اها به پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان سنڌ هائوس ٻاهران ڌرڻي دوران اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري پهچي کين واپس وڃڻ جو چيو پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس پي ٽي آءِ جي ٻنهي ايم اين ايز ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، ان کانپوءِ گرفتار ايم اين ايز کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. ذريعن موجب شهباز گل گرفتار ايم اين ايز کي ڇڏرايو، جنهن کانپوءِ اهي ساڻس گڏ ٿاڻي مان نڪتا. لوٽا کڻي آيل ڪارڪنن سموريون رنڊڪون هٽائڻ بعد مک گيٽ کي لتون هڻي ڀڃي ڇڏيو. مڇريل ڪارڪنن سنڌ پوليس سان منهن ماري پڻ ڪئي، ڪارڪنن جِي پي ٽي آءِ جَي باغي ميمبرن ۽ اپوزيشن خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته اسلام آباد جي سنڌ هائوس تي حملي کانپوءِ گهرو وزير شيخ رشيد آءِ جي اسلام آباد کي هدايت ڪئي هئي ته حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. گرفتار ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه قومي اسيمبلي ميمبر عطاءُ الله نيازي ۽ فهيم خان به شامل آهن. هوڏانهن مڇريل ڪارڪنن باغي ميمبرن کان فوري طور تي پنهنجي سيٽن تان استيعفا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ ميمبر پنهنجن سيٽن تان استعيفا ڏين. ان دوران سنڌ پوليس جا اهلڪار سنڌ هائوس جي ٻاهران پهتا ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن کي واپس وڃڻ لاءِ چيو پر پي ٽي آئي ڪارڪنن اسلام آباد پوليس جي ايس پي سان به منهن ماري ڪئي ۽ سنڌ هائوس کان ٻاهر واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ دروازي ڀڃي داخل ٿيندڙ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ هائوس تي حملي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 15 کان 20 ڪارڪنن جٿي جي صورت ۾ سنڌ هائوس اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ايف آءِ آر موجب ڪارڪنن نعريبازي، گارگند ۽ پوليس سان مزاحمت ڪئي، سنڌ هائوس جو ننڍو گيٽ ٽوڙيو ويو. ڪيس پي ٽي آءِ جي 13 ڪارڪنن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم اين ايز عطاءُ الله ۽ فهيم خان ڪيس ۾ نامزد ناهن. پوليس موجب سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت، ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن کي ٿاڻي مان ڇڏائڻ بعد چيو ته درست آهي ته سنڌ هائوس جي گيٽ کي نه ٽوڙڻ گهرجي ها، سنڌ هائوس ۾ نوٽن جي ٻورين سان ضمير خريد ڪيا پيا وڃن. عمران خان اهڙو ڇا ڪيو جو ضمير خريد ڪيا پيا وڃن. دلالي ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close