اسلام آبادپاڪستانسنڌ

عمران شڪست ڏسي وائڙو ٿي ويو،سنڌ هائوس تي حملو سنڌ تي حملي برابر آهي:پيپلز پارٽي

اسلام آباد (بيورو/مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي حملي جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ تي ٿيل حملي جي برابر قرار ڏنو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا ڪرڻ بدران ايوان ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ها. هن چيو ته عمران خان سنڌ هائوس تي حملو نه ڪيو پر وفاق ۾ سنڌ جي علامتي نشان تي حملو ڪري اصل ۾ سنڌ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان اڄ پاڪستان جي وفاقي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان جو عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪير جمهوري قدرن جو مالڪ آهي ۽ ڪير انتشار پکيڙي ملڪ کي انتشار ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان سنڌ تي لشڪر جي ڪاهه ڪرائي پنهنجو اصل بغض ظاهر ڪري ڇڏيو. اسان قانون هٿ ۾ کڻڻ وارا ناهيون پر ڄاڻون ٿا ته اهڙن عنصرن کي ڪيئن منهن ڏجي.

هن چيو ته عوامي نمائندن، اعليٰ عدالتن جي جنن جي خاندانن جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو ويو. حملو ڪرائي عمران خان چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمابه ڪيو، پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن سنڌ هائوس تي حملو ڪري فسطائيت جو اظهار ڪيو. عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي وائڙو ٿي ويو آهي، اهڙن حربن سان 172 ميمبرن جي حمايت حاصل نٿي ٿي سگهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ڪير ٿيندي آهي ته اسان کي چوي ته ڪٿي رهون ڪٿي نه رهون؟ ووٽ ڏيڻ ايم اين ايز جو جمهوري حق آهي، جتي وڻين رهن ان ۾ ڪو مسئلو ناهي. هڪ نجي ٽي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت جو پنهنجن ايم اين ايز تي شڪ ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم ۽ وزير ڌمڪي ڏئي رهيا آهن ته کين جمهوري حق استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو اسان ڌمڪين ۾ نه اينداسين، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، هن غير جمهوري حڪومت کي بي اعتمادي ذريعي گهر ڀيڙو ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ هائوس تي حملو ڪري دهشتگردي جي ڪوشش ڪئي وئي، حڪومت 172 ميمبر پورا ڪري يا استعيفيٰ ڏئي. غير جمهوري شخص کي وڌيڪ هلڻ ڏنو ته هي ميڊيا تي وڌيڪ حملا ڪندو، اسان هن کي سياسي شهيد بڻجڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته هي عوام ۽ جمهوريت جي راند آهي، اهو جمهوريت جو انتقام هوندو ته اسان هن سليڪٽڊ کي جمهوري طريقي سان هٽايون. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا مطالبا مڃي چڪا آهيون، اسان جو ايم ڪيو ايم تي ڀروسو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو اسان تي ڀروسو آهي. اسان سڀ ننڍا اختلاف وساري وڏي مقصد لاءِ گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري موجب اڃا تائين قومي حڪومت تي ڳالهيون ناهن ٿيون، پيپلز پارٽي وزيراعظم لاءِ پنهنجو اميدوار نه آڻيندي. هن چيو ته اسان جو ڌيان چونڊ سڌارن تي آهي، جيترو جلد ٿي سگهيو چونڊ سڌارا آڻڻا آهن، چونڊ سڌارن لاءِ ڪجهه مهينا گهربل هوندا. بلاول ڀٽُو چيو ته سليڪٽڊ حڪومت ٽن سالن تائين سچ نه ڳالهايو آهي، پئسا وٺڻ جو به الزام ڪوڙو آهي، اهڙو ڪوڙ ڳالهائين جنهن تي عوام يقين ڪري، ايم اين ايز کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي پر وزيراعظم ۽ وزير ڌمڪيون ڏين پيا ته انهن کي اهو حق استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪا غير آئيني ڳالهه آهي، انهن کي طاقت وسيلي روڪڻ چاهن ٿا ۽ آئين ۾ اهو واضح آهي ته طاقت جو استعمال آرٽيڪل 6 تحت اچي ٿو. هن چيو ته 3 سال محنت ان ڪري نه ڪئي جو پاڻ وزيراعظم ٿيان، هن سليڪٽڊ حڪومت خلاف محنت ڪئي آهي، سئو جلسا هڪ پاسي ۽ بي اعتمادي جي رٿ جو ڪارڊ هڪ پاسي، اسان ڪامياب ٿي رهيا آهيون، سمجهون ٿا ته صاف شفاف چونڊون ضروري آهن، 2018ع کي نه ورجايو نه وڃي. هڪ ٻئي سوال تي پ پ چيئرمين چيو ته اسان بي اعتمادي وسيلي جيڪو جمهوري حملو ڪري رهيا آهيون اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ٿيو آهي، مان عدالت يا ڪنهن ٻئي هنڌ نه پر پارليامينٽ ۾ وڃي کيس للڪاري رهيو آهيان. ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته همت اٿوَ ته گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي همت آهي ته گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو، سڀاڻي نه اڄ لڳايو، انشاءَ الله اسان سڀ اسلام آباد اچي توهان کي جواب ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي تجويز تي نظم شيئر ڪندي ردعمل ڏنو آهي، بلاول ٽيوٽر تي هڪ نظم جي وڊيو شئر ڪئي آهي، جنهن تي هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا جو عنوان لکيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران شيئر ڪئي مڪمل نظم هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، سڀاڻي نه اڄ لڳايون ٿا، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ آهي جاري، نڌ ۾ به اهو ناچ لڳايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، هر واعدي تان ڦري وڃڻ، هر ڪوڙ تي سيٽجڻ، قلندر جي گهٽين ۾ اهڙو رواج لڳايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، ڪهڙي جمهوريت ڪٿان جو ووٽ بئنڪ،آڱر سان آڱوٺي جو علاج ڪرايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، نااهل، ناڪام بدڪردار سنڌ حڪومت، چند ويڪائن کان احتجاج ڪرايون ٿا ،هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، وڃو ڪجهه اينڪرن کي پيغام ڏيو وڃي، حڪومت آهي مڪمل اپاهج اهو ڏيکاريون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، جيڪو نه بم کان ڊنو، نه ڦاهي سان جهڪيو، اهڙن خيالن جو مزاج آزمايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، وزارتن جي تختي تي هاڻي هوندو نالو توهانجو، قيمت ڀلي ڇا به هجي داخل ڪرايون ٿا ،هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا، هلو گورنر راڄ لڳايون ٿا. واضح رهي ته سنڌ ۾ پي ٽي آئي جي باغي ميمبرن جي موجودگي کان پوءِ گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ ۾ هلو گورنر راڄ لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button