اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارٽي جي 14 باغي اسيمبلي ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهن ۾ نور عالم خان، افضل ڊهانڊلا، نواب شير وسير، راجا رياض، احمد حسين ڊيهڙ، رانا قاسم نون، عبدالغفار وٽو، مخدوم باسط سلطان، عامر طلال گوپانگ، خواجه شيراز، سردار رياض مزاري، رميش ڪمار، وجيهه قمر ۽ نزهت پٺاڻ شامل آهن. شوڪاز نوٽيس تي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر صحيحون ڪيون آهن. جڏهن ته نوٽيس ۾ باغي ميمبرن کان ان جي عمل جي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ميمبرن کي 7 ڏينهن جي اندر معافي گهري غير مشروط طور تي پارٽي ۾ واپس اچڻ جي مهلت ڏني وئي آهي. چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 7 ڏينهن تائين جواب نه مليو ته ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. شوڪاز نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ميمبر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻيندڙ اپوزيشن سان ملي چڪا آهن. ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان ثابت ٿي ويو آهي ته اوهان پارٽي ڇڏي چڪا آهيو. باغي ميمبر وزيراعظم جي سامهون پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close