اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

وزيراعظم سوات ۾ روڪڻ باوجود جلسو ڪرڻ تي ٻيهر اليڪشن ڪميشن طلب

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سوات جلسي ۾ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي 21 مارچ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر سوات وزيراعظم سميت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وفاقي وزير مراد سعيد کي به ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ ڊي ايم او سوات جلسي ۾ چونڊ اخلاق جي ڀڃڪڙي تي 18 مارچ تي طلب ڪيو هو.خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو 31 مارچ تي شيڊول آهي، اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي سوات دوري کان منع ڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن جي هدايت باوجود وزيراعظم سوات ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو. اليڪشن ڪميشن ان کان اڳ به وزيراعظم کي دير ۾ جلسي عام کي خطاب ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري چڪو آهي. صدر عارف علوي طرفان 19 فيبروري تي جاري ڪيل آرڊيننس تحت پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي ڪنهن به تڪ ۾ جلسن ۾ شرڪت يا خطاب جي اجازت ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن اختيارين جو موقف آهي ته سياسي پارٽيون چونڊ مهم ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن چونڊ مشق ۾ شامل ٻين ماڻهن جي لاءِ ضابطي اخلاق واضح ڪرڻ انهن جو ڪم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button