پاڪستانسنڌ

سنڌ لٽريچر فيسٽيول، شاعر علي زاهد جي شاعري جي مجموعي ”عدم کان اڳتي“ جي مهورت

ڪراچي: ڪراچي ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول جاري آهي، جتي کوڙ سارا سيشنس ٿي رهيا آھن، اتي هلندڙ سال ڇپيل ڪتابن جي مهورت جا سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويا آھن، ان سلسلي ۾ ڪالهه نوجوان شاعر ۽ صحافي علي زاهد جي تازي ڇپيل شاعري جي مجموعي ”عدم کان اڳتي“ جي مهورت جو پڻ سيشن منعقد ٿيو. جنهن جو ميزبان منير چانڊيو هو. جڏھن ته مهمانن ۾ شاعر علي زاهد، شاعر ۽ نقاد علي آڪاش ۽ شاعر ۽ اديب سڀاش بابو هئا.

ان موقعي تي شاعري مجموعي جي ليکڪ ۽ شاعر علي زاهد ڳالهائيندي چيو ته منهنجي شاعري جي پهرئين مجموعي ”ناچڻي“ جي ڇپجڻ جي 10 سالن کانپو منهنجي شاعري جو ٻيو مجموعو ڇپيو آھي، جنهن جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي موٽ ملي آھي. 10 سالن جي وٿي کانپو منهنجي شاعري جا نه رڳو موضوع تبديل ٿيا آھن پر ان دوران منهنجي زندگي سان سلهاڙيل تجربن واقعن ۽ حادثن جا اولڙا پڻ منهنجي شاعري تي نمايان نظر ايندا.

سيشن ۾ ڳالهائيندي نوجوان نقاد ۽ شاعر علي آڪاش چيو ته علي زاهد جو جنم ته دادو جي ڳوٺ خانپور ۾ ٿيو هو پر شاعر جي حيثيت ۾ سندس جنم قمبر شھر ۾ ٿيو. قمبر ۾ اسان هڪٻئي کان سکيو ۽ سيکاريو، بعد ۾ حيدرآباد ۾ پڻ اسين گڏ رهياسين. هن چيو ته علي زاهد جو شاعري ۾ پنهنجو ڊڪشن آھي، زاهد هن دور جو اهو شاعر آھي، جبهن کي شاعرن جي هن ڊگهي قطار ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهو.

نوجوان شاعر سڀاش بابو چيو ته علي زاهد جي شاعري ۾ تهذيب کي تمام سهڻي نموني ڊسڪس ڪيو ويو آھي. عدم کان اڳتي ڪتاب ۾ علي زاهد جا دوها پڙھي حيرت ٿئي ٿي ته هن پنهنجي دوهن ۾ جيڪي سنڌ جا ماڳ منظر ۽ موضوع بيان ڪيا آھن، اهي ڪمال آھن. علي زاهد جو گيت ناچڻي هڪ اهڙو گيت آھي، جنهن ۾ پنهنجي تهذيب کي نئين رخ کان بيان ڪيو ويو آھي. علي زاهد هن دور جو پنهنجي لهجي جو هڪ منفرد شاعر آھي. علي زاهد جو ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ هن دور جو منفرد ڪتاب آھي، جنهن ۾ شامل ارپنا کان وٺي ڪلائيميڪس تائين شاعري جي مختلف صنفن جي سمرڻي آھي، جنهن کي پڙھڻ ۽ پروڻڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button