ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز نه آهي. عمران خان جا پنهنجا ئي اسيمبلي ميمبر هن تي عدم اعتماد ڪري چڪا آهن ۽ بطور وزيراعظم عمران خان جو هر فيصلو ۽ حڪم غيرقانوني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.
شازيه مري چيو ته وزيراعظم ۽ هن جي ڪابينا ختم ٿي چڪي آهي. وزيراعظم، وزارت داخلا، وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته بيوروڪريسي عمران خان جي حڪمن تي عمل نه ڪري هي ڪٺ پتلي آمر بڻجي رهيو هو، ان جي لاءِ جمهوريت جي انتقام جو نشانو بڻيو.