ملير: سنڌ جي تعليم کاتي جا پول پڌرا، ملير ضلعي جي 474 اسڪولن ۾ پڙهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سهولتن جي اڻاٺ، ڪيترائي اسڪول فرنيچر، بجلي، پاڻي، چارديواري ۽ واش روم جي سهولتن کان محروم بڻيل، خبر موجب ملير ضلعي جي 4 سئو 74 پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ بجلي، پاڻي، چارديواري، فرنيچر ۽ واش روم جهڙي سهولت به اڪثر اسڪولن ۾ اڻلڀ آهي، تعليم کاتي جي حد درجي جي لاپرواهي سبب هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ضلعي جي 6 سب ڊويزنن سب ڊويزن ابراهيم حيدري، سب ڊويزن بن قاسم، سب ڊويزن شاهه مريد، سب ڊويزن ايئرپورٽ، سب ڊويزن گڏاپ، سب ڊويزن مراد ميمڻ جا اسڪول سهولتن کان محروم آهن، انگن اکرن موجب گڏاپ جي عبدالله ڪانڙو ڳوٺ جو اسڪول بجلي کان محروم آهي، يار محمد بنديچو ڳوٺ جو اسڪول بجلي ۽ واش روم کان محروم آهي، قادر وليج موئيدان اسڪول بجلي، پاڻي ۽ بجلي کان محروم آهي، الله ورايو ڇٽو اسڪول ۾ بجلي، پاڻي ۽ واش روم کان محروم آهي، ملا فيض محمد اسڪول بجلي، واش روم ۽ پاڻي کان محروم آهي، پير بخش ڇٽو اسڪول بجلي، واش روم کان محروم آهي، ڌڻي بخش ڳوٺ بجلي ۽ واش رام کان محروم آهي، حقو خان بروهي اسڪول مڪمل طور تي بند پيل آهي، يار محمد ڪانڙو اسڪول بجلي، فرنيچر کان مڪمل طور تي محروم آهي.
راهو گهرام اسڪول بجلي، واش روم کان محروم، صالح محمد ڳوٺ موئيدان اسڪول بجلي، واش روم کان محروم آهي، ساکو بروهي اسڪول موئيدان بجلي، واش روم کان محروم آهي، پٻ ملير اسڪول بجلي، پاڻي ۽ واش روم جي سهولت کان محروم آهي، جعفر خان گبول اسڪول واش روم، پاڻي کان محروم آهي، راڌو جوکيو اسڪول فرنيچر کان محروم آهي، حاجي ابراهيم گبول اسڪول واش روم ۽ پاڻي کان محروم آهي، گڏاپ وليج اسڪول فرنيچر کان محروم، موريو خان گبول اسڪول بجلي، فرنيچر ۽ واش روم کان محروم آهي، غلام محمد جوکيو اسڪول فرنيچر کان محروم آهي، حسن علي گبول سونگل اسڪول بجلي، فرنيچر ۽ واش روم جي سهولت کان محروم آهي، محمد برفت اسڪول بجلي، پاڻي ۽ واش روم سميت فرنيچر کان محروم آهي، مراد ميمڻ نمبر هڪ اسڪول فرنيچر جي کوٽ سبب ٻار پٽ تي تعليم پرائي رهيا آهن، اهڙي طرح گڏاپ جي 474 اسڪولن مان اڪثر اسڪولن ۾ پاڻي، بجلي، واش رومن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن، سنڌ سرڪار جي تعليمي ايمرجنسي جي باوجود به ڊسٽرڪٽ ملير جي اسڪولن کي اڃا تائين ڪي به سهولتون ملي نه سگهيون آهن، رهواسين جو چوڻ آهي ته ملير جي چونڊيل نمائندن جي مجرماڻي خاموشي سبب ڪيترائي اسڪول اڄ به ويران پيل آهن.