پاڪستانسنڌ

پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ وقار جي بالادستي ٿيڻ گهرجي: اياز پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي آمريڪي شھر ھيوسٽن ۾ رھندڙ فھيم ميمڻ ۽ تخليق لاشاري پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو باشعور، جمهوري ۽ ترقي پسند عوام، پهرين سينيٽ ۾ ۽ هاڻي قومي اسيمبليءَ ۾ هارس ٽريڊنگ کي رد ۽ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان سنڌ هائوس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڪوشش کي به رد ڪريون ٿا. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ وقار جي بالادستي ٿيڻ گهرجي.

اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونه آھن سڀ وسيلا سنڌ وٽ آھن، گيس 72 سيڪڙو، پيٽرول 59 سيڪڙو، وڏي بندرگاھه، ڪارونجهر، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي، ٻيا ملڪ جيئن آمريڪا، يورپ گئس پيٽرول ھوندي به گيس ۽ پيٽرول روس، سعودي ۽ ٻين کان وٺن ٿا ۽ پنھنجا وسيلا ايندڙ دور ۽ مستقبل لا بچائي رکن پيا، سنڌ ۾ ائين ڪونھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button