پاڪستانسنڌ

سمنڊ ڪناري تي هڪ ٻئي پرڏيهي يوٽيوبر کي ٺڳڻ جي وڊيو وائرل

ڪراچي: ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي هڪ ٻئي پرڏيهي يوٽيوبر کي هراسان ڪري ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. سمنڊ تي گهوڙي سواري ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي سياح کان طئي ٿيل پئسن کان وڌيڪ جو تقاضو ڪيو ويو. پرڏيهي يوٽيوبر ڊيلي فلپ گهوڙي جي مالڪ کان 200 رپين ۾ سواري جي ڳالهه ڪئي ۽ رائيڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کانئس 5 هزار رپيا گهريا ويا. پرڏيهي يوٽيوبر 5 هزار رپين جو ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ڊيلي فلپ اهڙي واقعي جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ڪراچي ۾ فراڊي گهوڙي سواري کان پاسو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button