اسلام آبادپاڪستان

پارٽي کان ناراض 7 ميمبر واپس اچي ويا آهن:وفاقي وزير فواد چوڌري جي دعويٰ

اسلام آباد : سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ناراض ٿيل 7 ميمبر اسان وٽ واپس اچي ويا آهن، جهانگير ترين گروپ سان به رابطو ٿيو آهي. انهن خاطري ڪرائي آهي ته حتمي فيصلو اسان جي مشوري سان ئي ڪندا. اسان اتحادين مان به اميد ڪريون ٿا ته انهن جو به فيصلو ڪجهه ڏينهن يا 24 ڪلاڪن ۾ اچي ويندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ حماد اظهر سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته باغي ميمبرن خلاف عوام ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. هي وقت رنجشون گهٽ ڪرڻ جو آهي. توبهه جو دروازو کليل آهي، ميمبر واپس اچي وڃن کين ڪجهه نه چيو ويندو. هن چيو ته اسان اڳ ئي چيو هو ته شطرنج به اسان وٽ آهي ۽ چالون به. بادشاهه کي ڪيرائڻ وارن کي خبر ئي ناهي ته رستي ۾ ڪيتريون ڏکيائون اچڻيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آ ڪارڪنن کي چوان ٿو احتجاج توهان جو حق آهي پر پرتشدد رويو نه اختيار ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ هائوس ۾ باغي ميمبرن کي قيد ۾ رکيو ويو آهي. سندن مٿان بندشون پڻ لڳايون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان بليڪ ميل نه ٿيندو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڃا تائين احتجاج جو سڏ ناهي ڏنو. رنجشون وڌنديون پيون وڃن جيڪي گهٽ ٿيڻ گهرجن. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٻاهريون طاقتون عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ملوث هجڻ جون نشانيون مليون آهن. جيڪي به مسئلا آهن، انهن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. صوبائي وزير ناراض ميمبرن کي چيو آهي ته واپس اچي وڃو، اوهان کي عزت ملندي. عمران خان کي دوکو ڏيڻ وارو بي آبرو ٿيندو، ان جي ٽڪي جي عزت نه رهندي. ناراض ميمبرن جي لاءِ واپسي جا دروازا کليل آهن. ائين نٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي وڃو، اهڙا ماڻهو اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين ۽ پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙهن ۽ کٽي اچن، پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين. سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن. هتي فارن آفيس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن کي دوکو ڏيڻ نامناسب آهي، جهڙي طريقي سان ماڻهو ويا آهن انهن تي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، انهن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي خواهش آهي ته عمران خان بليڪ ميل ٿي ويندو ته ائين هرگز نه ٿيندو، مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. اڳ ۾ به چيو هو ته تلخيون ايتريون پيدا نه ڪريو جو پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ ئي مشڪل ٿي وڃي. سنڌ هائوس ۾ ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، ائين پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ ڪڏهن به ناهي چاهيو. هن چيو ته جهڙي طرح (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو 5 سالا مدو پورو ڪيو، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان پنهنجو جلسو ڪري رهيا آهيون ۽ مخالف ڌر پنهنجو جلسو ڪري، ڪو ٽڪراءُ نه ٿيندو. پنهنجا پنهنجا ڏينهن ۽ جڳهه مارڪ ڪري وٺو، آئين تحت اهو بنيادي حق آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button