نفيس نگر: ٿر جي بئراجي علائقن ٽالهي آهوري، فضل ڀنڀرو، سلور موري، گل موري، روشن آباد، آهوري جهڏو ۽ ٻين علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ ۽ تورئي جي فصلن جو لابارو شروع ٿيندي ئي ٿري ماروئڙا مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ٻين علائقن جا غريب لاڏائو ٿر واسي مزدوري تي ڪڻڪ تورين جي ڪٽائي لاءِ پهچي ويا آهن ۽ عارضي اجها قائم ڪري جمعدارن معرفت مقامي زميندارن جون ڪڻڪ جي لڻائي لاءِ پيشگويون وٺي ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ٿر جي لاهيارن، جيٺو ڀيل، جهامن داس، لوڻيون، ٻيجلو ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ هن وقت مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي ۽ ٿر ۾ پاڻي به کارو آهي، اونهاري ۾ 4 مهينا اسان پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ هر سال وانگر هن سال به پنهنجو مال ڪاهي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ، توريو ۽ ٻين فصلن جي مزدوري ۽ مال جي چاري لاءِ اچون ٿا، هن سال پاڻي کوٽ ۽ ڪڻڪ جي فصل کي يوريا ڀاڻ ٽائيم تي نه ملڻ سبب ڪڻڪ ۽ توريي جو پاڇاٽي فصل کي وڏو نقصان ڏنو آهي، ايوريج به گهٽ لهي پئي، اسان ڪڻڪ جي ڏهين پتي تي لابارو ڪريون ٿا ۽ زميندار کري جي بٽئي کانپوءِ مزدوري ۾ مليل اناج ڏيندو آهي، جيڪو اناج اسان پورو سال کائيندا آهيون. ان سلسلي ۾ مقامي آبادگارن عبدالڪريم کوسو، ممتاز جوڻيجو، رامچند ڀيل، ڪالو ٽنگڙي، غلام قادر گشڪوري ۽ ٻين چيو ته ٿر جي بئراجي پٽي کي حڪمرانن ۽ آبپاشي عملدارن هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي، ٿر جا غريب ماڻهو بکن وگهي پيا مرن، پر جيڪڏهن حڪومتي ڌر جا اڳواڻ مناسب پاڻي جي ونڊ ورڇ ڪري هن بئراجي پٽي کي بحال رکن ته پوري ٿر جي ضرورت انهي بئراجي پٽي مان پوري ٿي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close