پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ پرڻيل عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

ڊگھڙي: ڊگھڙي ڀرسان پرڻيل عورت ڪارو پٿر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. خبر موجب ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ عبدالحميد خير ۾ 22 ورهين جي مومل زال نرڀو ميگهواڙ صبح جي وقت گهر ۾ ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سندس وارث بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال ڊگھڙي کڻائي پهتا، جتي عورت دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي فوتڻ جا ٽنڊو جان محمد ڀرسان ڳوٺ ديهه 194 جا رهواسي ما پي ۽ پوليس تعلقي اسپتال پهتي، جتي وارثن چيو ته اسان ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، جنهن بعد فوتڻ جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا، فوتڻ کي هڪ پٽ جو اولاد هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button