پاڪستانسنڌ

سخي سلطان فقير لاشاري جي عرس ۾ ملاکڙو، سگهڙ ڪچهري

مقصودو رند: سنڌ جي مشھور اوليا بزرگ سخي سلطان فقير لاشاري جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون جاري آھن ۽ عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينھن تي درگاھه ۾ مجلس عزا ٿي، جنھن ۾ ناليوارن ذاڪرن ضياءُ عباس ڪاظمي، علامه سائين بخش مناظري، علامه مولا بخش ھالائي، علامه محمد عباس شاهھ، مولوي مدد علي سعيدي ۽ ٻين خطاب ڪيو. عرس مبارڪ ۾ زبردست ملاکڙو ٿيو، ملاکڙي ۾ سنڌ جي مشھور ملهھ پھلوانن زور آزمائي ڪئي، ملهھ پھلوانن محمد خان رند، دودو ڏاھري غلام حسين رند، بجلي درس مخالفن کي ملھون دسي خوب داد حاصل ڪيو. گھوڙن جي مقابلن ۾ سماڻو خان ڏاھري ۽ ثمر حسين رند جي گھوڙن مقابلا کٽيا. جڏھن ته عرس مبارڪ ۾ ھادي بخش حيدري پاران سگھڙ ڪچھري پڻ ڪوٺائي وئي، سگھڙ ڪچھري ۾ محمد ادريس جمالي، گل بيگ جمالي، علي گل سيٺار، امام ڏنو ۽ ٻين ڏور بيت ڏئي واھه واهھ ڪرائي ڇڏي. آخر ۾ محفل موسيقي ۾ فنڪارن رضا محمد بروھي، ساجد حسين رند، استاد محمد جمن، اياز گل رند، دادن فقير ۽ سر وکيريا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button