پاڪستانسنڌ

سنڌ هائوس تي حملو برداشت نه ڪنداسين:پاشا قاضي

حيدرآباد: پي ايس 66 جي پ پ اڳواڻ پاشا قاضي چيو آهي ته سنڌ هائوس تي حملو برداشت نه ڪنداسين، عمران خان عدم اعتماد رٿ کان ڀڄڻ لا غيرقانوني حرڪتون ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هاڻ وڃڻ واري آهي، آصف زرداري جي ڪوششن سان سڄي اپوزيشن هڪ ميز تي گڏ ٿي، بلاول ڀٽو لانگ مارچ ڪري ثابت ڪيو ته عوام پ پ سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري عرف ڊبو چوڌري ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، نه ته جيالا ٻيهر اسلام آباد پهتا ته نيازي سرڪار ڊهي پوندي، سنڌ ۾ به گورنر هائوس آهي، پر اسان جي قيادت ڪريل حرڪتن واري سياست ناهي ڪندي. جلد نيازي سرڪار ختم ٿي ويندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button